سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو

سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو: ساڌٻيلي جي سامهون ڌوٻي گھاٽ وٽ، سکر بندر وٽ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ 1824ع ۾ سوامي موتيرام ڪبير پنٿي هن هنڌ تي ديرو ڄمايو هو. سندس گادي نشين سوامي ڪيشوداس 1888ع ۾ عاليشان مندر تعمير ڪرايو هو. شروعات ۾ عمارت معمولي هئي، پوءَ ڳاڙهو پٿر هندوستان کان گھرايو ويو ۽ لڪشمي نارائڻ جي مورتي کڙي ڪئي ويئي، مندر اندر کوهه ۽ ساڌن لاءِ ڪمرا جڙيل آهن. سوامي موتيرام صوفي منش غريب پرور هو. پويون گادي نشين ڪشن داس ساکرو هو. 1947ع ۾ هندن جي ڀارت لڏي وڃڻ کانپوءِ اتي مهاجرن جا ڪٽنب رهن ٿا. اهو پنچائتي ٿلهو فريئر روڊ ۽ ٺاٺارڪي بازار جي چوسول تي آهي، جنهن تي هندو، رام ليلا جا ناٽڪ ڪندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو